سيد فيض الله شاهه جيلاني

سيد فيض الله شاهه جيلاني: عالم ۽ بزرگ سيد فيض الله شاهه 1770ع ڌاري گهوٽڪيءَ ۾ عالم ۽ بزرگ سيد محمد عابد ’ثاني‘ جيلانيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. مشهور بزرگ پير موسيٰ شاهه جيلاني سندس ڏاڏو هو. سيد فيض الله شاهه پنهنجي ڳوٺ جي مڪتب ۾ پنهنجي خاندان جي استادن ۽ بزرگن کان تعليم ۽ فيض حاصل ڪئي. پاڻ حافظ قرآن، خطيب ۽ ڪامل انسان هو. وٽس مريدن ۽ شاگردن جو ميڙ هر وقت هوندو هو، ڪيترائي ماڻهو پري کان اچي فيض حاصل ڪندا هئا. هو طالبن کي قرآن مجيد ۽ ديني تعليم ڏيندو هو، اڪثر وقت عبادت ۾ گذاريندو هو. ماڻهو کائنس فتوائون پڻ لکرائيندا هئا. وقت جا وڏا عالم پڻ وٽس اچي ديني مسئلا پڇندا هئا. هن 1831ع ڌاري گهوٽڪيءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو